ٽلي مان هڪ حيران ڪندڙ خبر آئي آهي جتي هڪ ڪڪڙ تي صبح سوير ٻانگ ڏيڻ تي ٽيٽيهه هزار ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.
ڪجه ملڪن ۾ ڪڪڙ جي ٻانگ کي بهتر سمجهيو ويندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي صبح جي شروعات ان سان ڪندا آهن پر ڪجهه ملڪن ۾ ان کي خراب ان ڪري سمجهيو ويندو آهي ته ان سان ماڻهن جي صبح سوير ننڊ خراب ٿيندي آهي..
اهڙو ئي واقعو اٽلي ۾ پيش آيو آهي جتي ڪاسٽيراگا ويڊراڊو واري علائقي ۾ 83 سالن جي بزرگ جي ڪڪڙ تي صبح سوير ٻانگ ڏيڻ تي ڏنڊ مڙهيو ويو آهي. انگيلو بوليٽي کي ڏنڊ جي مد ۾ 166 يوروز مطلب پاڪستاني ٽيٽيهه هزار روپيا ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.
