رميز راجا پاران سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جو مشورو

لاهور؛ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ناليواري ڪمينٽيٽر رميز راجا، سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جو مشورو ڏنو آهي..
رميز راجا موجب هن کي ويجهي مستقبل ۾ سرفراز کي ٽيسٽ ٽيم ۾ کيڏڻ جو موقعو ملندي نظر نٿو اچي، ۽ اسڪواڊ ۾ هجڻ ڪري محمد رضوان تي به دٻاء پئجي رهيو آهي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته سرفراز کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺي ڪري اڇي بال واري ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ هن جي ڪارڪردگي بهتر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔