فلم اسٽار خوشبو به ايف بي آر جي ريڊار تي

لاهور؛ فلم اسٽار ۽ اسٽيج جي مشهور اداڪار خوشبو به ايف بي آر جي ريڊار تي اچي وئي ، کيس نوٽيس جاري ڪيو ويو.
خبر موجب، ايف بي آر پاران اداڪاره کي سال 2019 جا ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
خوشبو کي سندس جوهر ٽائون واري رهائشگاهه تي نوٽس موڪليو ويو آهي، ۽ گوشوارا جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ ڏنڊ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔