آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪاري نسل جي عورت نائب صدر لاءِ نامزد

واشنگٽن :آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار جو بائيڊن ڪيليفورنيا جي سينيٽر ڪماله هيرس کي نائب صدر لاءِ نامزد ڪري ورتو.
آمريڪي تاريخ ۾ ان عهدي لاءِ ڪنهن به ڪاري نسل جي عورت کي پهريون ڀيرو نامزد ڪيو ويو آهي.
آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن لاءِ 3 نومبر تي ووٽ وڌا ويندا، جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سان مقابلي لاءِ ڊيموڪريٽڪ طرفان جو بائيڊن ميدان تي لٿل آهي.
77 ورهين جو بائيڊن مارچ جي وچ ۾ اڳ ئي اعلان ڪيو هو ته چونڊ ڪاميابي جي صورت ۾ هو هڪ عورت کي نائب صدر بڻائيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔