قلندر شهباز جي درگاھه 17 آگسٽ کان ايس اوپيز تحت کولڻ جو اعلان

ڪراچي: قلندر شهباز جي درگاھه 17 آگسٽ کان ايس اوپيز تحت کولڻ جو اعلان ڪيو ويو، درگاهه تي رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو ، ايم اين اي سڪندر راهپوٽو جي صدارت ۾اجلاس ٿيو، ڊي سي ڄامشورو، ايس يس پي ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا، ايم اين اي سڪندر راهپوٽو جو چوڻ هو ته زيارتين کي اوقاف کاتو ماسڪ فراھم ڪندو، سيڪيورٽي لاءِ هڪ هفتي تائين رينجرز کي مقرر ڪئي ويندي، عقيدتمندن سان گڏ سيوهڻ شهر جي دڪاندارن ۽ سوين پورهيتن جو روزگار به درگاھه سان جڙيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔