پاڪستان انٽيليجنس ايجنسين ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي وڏي سائبر حملي جو پتو لڳائي ورتو

راولپنڊي : پاڪستان انٽيليجنس ايجنسين ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي وڏي سائبر حملي جو پتو لڳائي ورتو.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڀارتي ڳجهي ايجنسي سائبر حملن ۾ ذاتي موبائل فونز جي هيڪنگ ڪري رهي هئي.

پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي حڪومتي، فوجي آفيسرن جي موبائلن، ٽيڪنيڪل گيجٽس جي هيڪنگ ڪري رهي هئي.

آءِ ايس پي آر موجب دشمن انٽيليجنس جي هدفن جي جاچ ڪئي پئي وڃي، پاڪ آرمي اهڙين سرگرمين کي ناڪام بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا آهن.

انهن قدمن ۾ سائبر سيڪيورٽي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي به شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔