ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس: پاڪ افغان سرحد ۽ قومي سلامتي جي معاملن تي غور ويچار

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس رٿي وئي جنهن ۾ ايل او سي سميت پاڪ افغان سرحدي سيڪيورٽي معاملن تي غور ڪيو ويو جڏهن ته افغان مفاهمتي عمل ۾ اڳڀرائي کي ڀليڪار ڪيو ويو.

پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس ۾ جيو اسٽريٽجڪ ۽ قومي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فورم ايل او سي، پاڪ افغان بارڊر ۽ داخلي سلامتي صورتحال جو جائزو ورتو جڏهن ته شرڪت ڪندڙن افغان مفاهمتي عمل ۾ اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ انٽر افغان ڳالهيون جلد شروع ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ڪورونا ۽ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ سول انتظاميا سان سهڪار ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻين تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪورونا جي خاتمي لاءِ هدايتن تي عمل يقيني بڻايو وڃي.

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي فوج جي فوري رد عمل ۽ خاص ڪري ڪراچي جي شهري علائقن ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن جي تعريف ڪئي ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ هوشيار رهڻ ۽ هر ممڪن احتياطي تدبير اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو.

آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي به غور ڪيو ويو. آرمي چيف جو چوڻ هو ته محرم ۾ سول انتظاميا سان گڏجي ضروري بندوبست ڪيا وڃن، محرم دوران ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي ۽ عوام جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔