جڳ مشهور شاعر راحت اندوري ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

نئين دهلي: جڳ مشهور شاعر راحت اندوري ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
راحت اندوري کي تازو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ سبب اسپتال داخل ڪيو ويو هو، کيس شگر ۽ دل جي بيماري هئي..
70 ورهين جي راحت اندوري جي طبعيت ڪجهه ڏينهن کان خراب هئي ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح تي هن ايڪسري ڪرايو ته کيس نمونيا جي تصديق ٿي هئي، ان کانپوءِ سيپمل جاچ لاءِ موڪليا ويا ته هو ڪورونا متاثر نڪتو.
گذريل ڏينهن ٽوئيٽ راحت اندوري ٽوئيٽ ڪندي لکيو هو ته ڪورونا وائرس جي شروعاتي علامتن کانپوءِ مان ٽيسٽ ڪرائي، جيڪا پازيٽو آئي آهي، اسپتال ۾ داخل آهي، دعا ڪيو ته جلد بيماري کي شڪست ڏيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔