رياستي ڏاڍ جو ڪو سٺو نتيجو ناهي نڪرندو: خواجا آصف

اسلام آباد : ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته رياستي ڏاڍ جو ڪو سٺو نتيجو ناهي نڪرندو.

قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي خواجا آصف چيو ته مريم نواز جي نيب آفيس ۾ اڄ پيشي هئي، ڪو به ليڊر عدالت وڃي ته ڪارڪن گڏ ٿيندا آهن.

هن چيو ته حڪومت ن ليگ ڪارڪنن تي فورس جو استعمال ڪيو، کين گرفتار ڪيو، اهو رياستي ڏاڍ آهي، جنهن جو سٺو نتيجو ناهي نڪرندو.

سندس چوڻ هو مريم نواز نوٽيس جو جواب ڏيڻ لاءِ نيب آفيس پهتي ته پٿراءُ ڪيو ويو، هن جي گاڏي جا شيشا ٽوڙيا ويا ۽ ڪارڪنن کي مارڪٽ ڪئي وئي، اهڙا قدم سياست کي بدنام ڪندا آهن، سپريم ڪورٽ ۾ ايڏو پهرو ناهي هوندو، جيڏو نيب آفيس ٻاهران هوندو آهي.

خواجا آصف چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ انهن جا خاندان به ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن، حڪومت جي نااهلي جا داستان پاڻ حڪمران جماعت بيان ڪري رهي آهي.

هن چيو ته ڪارڪنن سان اهڙي ورتاءَ جي مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته گرفتار ڪارڪنن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔