بلوچستان ۾ پوليو جو نئون ڪيس سامهون اچي ويو

ڪوئٽا: بلوچستان ۾ پوليو جو نئون ڪيس سامهون اچي ويو، جنهن کان پوءِ هلندڙ سال پوليو جي ڪيسن جو انگ 16 ٿي ويو آهي.صحت کاتي موجب ڪوئٽه جي ڏوراهين علائقي چلتن ٽائون جي يونين ڪائونسل ميان غنڊي ۾ 20 مهينن جي ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.ٻارڙي جي رت جا نمونا 25 ۽ 26 جولاءِ تي ورتا ويا هئا. ٻارڙي جو تعلق پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ خاندان سان آهي.واضح رهي ته بلوچستان ۾ پوليو مهم جي باوجود ڪيسن ۾ واڌ نظر اچي رهي آحي. هلندڙ سال پوليو جي ڪيسن جو انگ 16 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔