سشانت سنگهه جي مئنيجر عورت جو موت کان اڳ جو آخري وڊيو سامهون اچي ويو

ممبئي: مشهور انڊين اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي اڳوڻي مئنيجر دشاساليان جو هڪ وڊيو هن وقت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو اهي.دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هي ان جو آخري وڊيو هو جيڪو ان جي موت کان اڳ جو آهي. هن وڊيو ۾ هو پنهنجي دوستن سان گڏ ڊانس ڪندي ۽ ڪافي خوش نظر اچي رهي آهي. وڊيو ۾ دشا ساليان جي چهري تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نظر نه اچي رهيو آهي ۽ نه ئي هو ڪنهن ڳالهه جي ڪري پريشان لڳي رهي اهي.تازي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته موت واري ڏينهن دشا ساليان دوستن سان گڏ پارٽي ڪري رهي آهي ۽ هو ان وقت بالڪل صحتياب آهي پر ڪجهه دير کان پوءِ ان جو لاش بلڊنگ جي هيٺيان پيل هو. ڪنهن کيس ڌڪو ڏنو يا هو نشي جي حالت ۾ هيٺ ڪري ان جي باري ۾ پوليس جاچ ڪري رهي آهي.ياد رهي ته هلندڙ سال جون ۾ بالي ووڊ اداڪار سوشات سنگهه گهر ۾ ڦاهو ڏئي آپگهات ڪيو هو ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ان جي اڳوڻي مئنيجر ديشا ساليان جو به لاش هٿ آيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔