بل گيٽس پاڪستان جي ڪورونا خلاف ڪاميابي جو اعتراف ڪري ورتو

نيويارڪ: مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس به پاڪستان جي ڪورونا وائرس جي خلاف ڪاميابي کي قبول ڪري ورتو.
آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ بل گيٽس جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ گهتجي رهيو آهي جڏهن ته ڀارت ۾ اِهو انگ وڌندو پيو وڃي.
خيال رهي ته پاڪستان ۾ گذريل ڏينهن جي اندر ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي.
بل گيٽس جو پنهنجي انٽرويو ۾ چوڻ هو ته اينٽي وائرل دوائن ۽ اينٽي باڊي ٿراپيز جي ڪري ڪورونا وائرس سان ٿيل فوتگين جي شرح ۾ هن سال جي آخر تائين واضح گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملي سگهندي.
سندس چوڻ هو ته ان ڳالهه جا به امڪان آهن ته هلندڙ سال جي آخر تائين نئين ٽولز جي اچڻ لاءِ فوتگين جي شرح ۾ واضح گهٽتائي ايندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔