ملڪ ۾ ڪاروباري مرڪزن جو حفاظتي انتظامن هيٺ پراڻو وقت بحال

اسلام آباد : ڪرونا وائرس سبب ڪيترن ئي مهينن تائين جام ٿي ويل نظام اڄ کان معمول تي اچي ويو، سڄي ملڪ ۾ بازارون، شاپنگ مالز، ريسٽورنٽس ۽ سينيما هالز حفاظتي انتظامن سان کلي ويا. عالمي وبا ڪرونا وائرس سبب ملڪ ۾ ٺپ ٿي ويل ڪارونهوار اڄ کان معمول تي اچي ويو، ڪاروبار لاڪ ڊائون کان پهريان واري وقت موجب کلي ويو. سڄي ملڪ اندر بازارون، شاپنگ مالز ۽ ريسٽورنٽس حفاظتي انتظامن هيٺ کُلي ويا، پنجاب جي سينيما هالز ۾ ايندڙ ماڻهن کي ماسڪ پائڻو پوندو، گنجائش کان 40 سيڪڙو ماڻهن جي داخلا جي اجازت هوندي، ٿيٽرز به شوز ٿيندا. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن ۾ واضح گهٽتائي بعد سنڌ حڪومت به اڄ کان لاڪ ڊائون جون پابنديون وڌيڪ نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سي ايم هائوس جي ترجمان موجب اڄ کان ڪاروباري ۽ واپاري سرگرميون ڪري سگهجن ٿيون، ڪاروباري وقت به وڌايو ويندو، هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس رات 10 وڳي تائين کليل رکي سگهبا. بلوچستان جي گهرو وزارت پاران به هڪ پڌرائي جاري ڪري چيو ويو آهي ته صوبي ۾ دڪان، اسٽورز ۽ مارڪيٽن سميت سمورن ننڍن وڏن ڪاروباري مرڪزن ۾ وقت جي پابندي ختم ڪئي وئي آهي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔