چمن ۾ مال روڊ تي ڌماڪو، 5 ماڻهو اجل جوشڪار، 15 زخمي

چمن: مال روڊ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو اجل جوشڪار ٿي ويا جڏهن ته 15 زخمي ٿي پيا

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ هو ته ڌماڪو مال روڊ تي ٿيو ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 15 ماڻهن کي طبي امداد لاءِ قريبي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جا اٽالا مال روڊ تي پهچي ويا ۽ علائقي جو گهيراو ڪري شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون

پوليس موجب ڌماڪي سبب ڪيترين ئي موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو ، ڌماڪي جو سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔