دادو ضلعي ۾ ايف پي بند کي لڳل گهارا 200 فوٽن کان وڌي ويا،ڪچي جا متاثر پڪي ڏانهن روانا

ڪراچي: ايف پي بند کي لڳل گهارا 200 فوٽن کان وڌي ويا، پاڻي جوهي جَي پَڪَي جَي ڳوٺن کي به گهيري ورتو، پاڻي جوهي – ڀان روڊ سان ٽڪرائجي ويو، ڪاڇي ۾ تباهي مچائيندڙ نئن گاج جَي پاڻي ۾ لاٿ به شروع ٿي وئي پاڻي جو وهڪرو 26 مان گهٽجي 8 فُٽ ٿي ويو، جوهي – واهي پانڌي، جوهي – ڊرگهه بالا، ڪَڪڙ- گاج ۽ جوهي – ٽنڊو رحيم خان روڊ پاڻي هيٺ هجڻ سبب ڪاڇي جَي ڪيترن ئي علائقن جو زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو، متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهو گهر تباهه ٿيڻ بعد پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي جهاڳَي پَڪَي ڏانهن روانا ٿي ويا واهي پانڌي، ڇني، ٽنڊو رحيم ۽ ٻين علائقن ۾ تباهيءَ جا هنياءُ ڏاريندڙ منظر نظر اچي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔