سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي مان فوري طور بل بورڊ هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي : سڄي ڪراچي شهر ۾ بل بورڊز لڳل آهن، اهي بِل بورڊز ڪِريا ته گهڻو نقصان ٿيندو، جاچ ڪرايون ٿا ته گذريل 5 سالن ۾ بورڊز ڪنهن لڳايا، سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري طرفان ڪراچي ۾ بِل بورڊز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهارڪيو ويو ،

سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته گهرن تي ايترا به بِل بورڊز لڳل آهن جو کِڙڪيون به بند ٿي ويون آهن ، گهرن تي اشتهارن ۽ بل بورڊز لڳائن سبب هوا توڙي روشني بند ٿي وينديون آهن، اها قانون جي ڀڃڪڙي آهي.،

چيف جسٽس گلزار ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي شهر کي هر ڪوئي تباهه ڪري رهيو آهي ، لڳي ٿو حڪومت جي شهرين سان دشمني آهي،

چيف جسٽس ميئر ڪراچي کي چيو ته اوهان وٽ اختيار نه آهن ته عهدو ڇڏيو ڇونه ٿا ، ميئر چيو ته سندس مدو 28 آگسٽ تي پورو ٿيندو ، چيف جسٽس چيو ته اوهان 28 آگست تي شهر جي جان ڇڏيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔