ڀارت جي شهر جوڌپور ۾ سنڌ مان ويل هڪ ئي خاندان جا 11 ڀاتي پُراسرار نموني فوت

ڪراچي: ڀارت جي شهر جوڌپور ۾ سنڌ مان ويل هڪ ئي خاندان جا 11 ڀاتي پُراسرار نموني فوت ٿي ويا. ڀارتي ميڊيا موجب پوليس جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ريگستاني علائقي سان واسطو رکندڙ خاندان جا لاش هڪ گهر مان هٿ آيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب شروعاتي جاچ ۾ پتو پيو آهي ته سندن موت زهريلي گئس خارج ٿيڻ سبب ٿيو آهي ۽ ڪمري مان جيت مار دوا جو شيشو به هٿ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پاڪ – ڀارت سرحد بند هجڻ سبب فوتين جا وارث پنهنجي پيارن لاءِ سخت پريشان آهن ، هڪ ئي خاندان جي 11 ڀاتين جو هڪ ئي وقت موت هڪ ڳجهارت بڻيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔