ماحول بچائڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا ته ملڪ ريگستان بڻجي ويندو:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد :ملڪ ۾ وڻڪاري مهم 2020 جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جي سرفهرست ۾ اٺين نمبر تي آهي، ملڪ ۾ ٻيلن ۽ وڻن جي ڪٽائي سبب گرمي پد ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ موسمياتي تبديلي سبب ملڪ شديد متاثر ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته وڻ لڳائي ماحولياتي تبديلي کي روڪي سگهجي ٿو، وڻ لڳائڻ ايندڙ نسل لاءِ جهاد جو درجو رکي ٿو، ٽائيگر فورس جي جوانن هڪ ڏينهن ۾ 35 لک وڻ لڳايا. هن چيو ته ڪورونا وبا جو عذاب سموري دنيا تي آيل آهي، پاڪستان ڪورونا جي روڪٿام لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو، ان پاليسي کي دنيا ۾ ساراهيو ويو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي باوجود احتياطي اپائن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي، عوام کي اپيل آهي ته هو ماسڪ ضروري پائن. هن چيو ته محرم المحرام جي مهيني ۾ وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، هن ڀيري ڪورونا صورتحال کي نظر ۾ رکندي محرم المحرام ملهايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔