ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 15 حياتيون ضايع

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 15 حياتيون ضايع ٿي ويون ۽ وڌيڪ 539 ڪيس سامهون آيا آهن، ڪرونا مريضن جو انگ گهٽجي 17 هزار 799 رهجي ويو. اين سي او سي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 15 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 6 هزار 97 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 539 ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن بعد ملڪ اندر ڪرونا وائرس جي ايڪٽوِ ڪيسز جو انگ وڌي 17 هزار 799 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 8 هزار 288، پنجاب ۾ 7 هزار 711 ۽ ڪي پي ۾ هڪ هزار 659 ۽ بلوچستان ۾ 402 ڪرونا جا ڪيس رهجي ويا آهن. اسلام آباد ۾ 2 هزار 140، گلگت بلتستان ۾ 80 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 215 مريض رهجي ويا….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔