پنجاب ۾ لاڪ ڊائون جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري

لاهور: پنجاب حڪومت ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ بهتري کان پوءِ لاڪ ڊائون جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي هدايت تي سيڪريٽري پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر محمد عثمان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سيڪريٽري هيلٿ محمد عثمان ان حوالي سان چيو آهي ته شادي هالن کان سواءِ سمورا ڪاروباري مرڪز اڄ کان کوليا ويا آهن. هن چيو ته مذهبي پارٽيون لاڳاپيل انتظاميه جي اجازت ۽ ايس او پيز تي عمل سان مشروط آهن جڏهن ته سمورا ڪاروباري مرڪز  ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا.

محمد عثمان موجب هر قسم جي پبلڪ ٽرانسپورٽ معمول موجب هلائي ويندي. حڪومت جي اجازت کان پوءِ اڄ کان پنجاب ۾ بازار، شاپنگ مالز، هوٽلز، ۽ سئنيما وغيره کوليا ويندا. ڪورونا لاڪ ڊائون کان اڳ جي وقت موجب ڪاروبار هلندو. هوٽلن ۾ احتياطي تدبيرن سان ويهي سگهبو. جڏهن ته سئنيما جون اسڪرينون به هاڻ چمڪنديون. ايس او پيز تحت پنجاب جي سئنيما هالن ۾ ايندڙن کي ماسڪ پائڻو پوندو.

گنجائش کان 40 سيڪڙو ماڻهن کي داخلا جي اجازت هوندي. جڏهن ته ٿيٽرز ۾ به شوز ٿيندا پر 6 فٽ جي سماجي وٿي رکڻ به لازمي هوندي. هوٽلن جي ڊائننگ هال ۾ 50 سيڪڙو ماڻهن کي کاڌو کائڻ جي اجازت هوندي. هر ٽيبل جي وچ ۾ 6 فٽ جو فاصلو رکيو ويندو. پلي ايريا به بند رکيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔