پاڪستان ريلوي جي سمورين گاڏين جي 100 سيڪڙو سيٽ بڪنگ 9 آگسٽ کان شروع

راولپنڊي : پاڪستان ريلوي جي سمورين گاڏين جي 100 سيڪڙو سيٽ بڪنگ 9 آگسٽ کان شروع ڪئي ويندي.

پاڪستان ريلوي ۾ به ڪورونا ايس او پيز ختم ڪيون ويون آهن ۽ پاڪستان ريلوي سڀني گاڏين ۾ 100 سيڪڙو سيٽ بڪنگ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پر ريل گاڏين ۾ ماسڪ جي پابندي بقرار رهندي.

ريلوي جي هر ڪوچ ۾ 60 سيڪڙو سيٽ بڪنگ  تي  40 سيڪڙو بڪنگ خالي رکي ويندي هئي پر 9 آگسٽ کان سڀني ڪوچز جي 100 سيڪڙو سيٽن جي بڪنگ ٿيندي، ان حوالي سان پاڪستان ريلوي سڄي ملڪ جي سڀني ريلوي رزرويشن آفيسن کي سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو آهي، فيصلي سان ريلي جي آمدني ۾ به فوري طور تي 40 سيڪڙو واڌ ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔