وفاقي حڪومت پاران 14 آگسٽ ۽ محرم الحرام لاءِ نيون ايس او پيز جاري

اسلام آباد : پنجاب ۾ عيد الاضحيٰ کان پوءِ ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ جي رپورٽن کان پوءِ حڪومت 14 آگسٽ ۽ محرم الحرام جي پروگرامن لاءِ  خصوصي طور تي ايس او پيز تيار ڪري ورتيون.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف شعبن کي کولڻ لاءِ روڊ ميپ ۽ قدمن جڏهن ته 14 آگسٽ جي تقريبن ۽ محرم الحرام کان اڳ تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

منصوبابندي واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ گھرو وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه ۽ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان به موجود هو.

اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سماجي وٿي، ماسڪ نه پائڻ ۽ ايس او پيز تي عمل درآمد بابت هڪ مڪمل ضبطه اخلاق واضح ڪيو ويو آهي.

اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته محرم الحرام لاءِ ايس او پيز تيار ڪيو ويون آهن جنهن تحت رڳ جرسٽرڊ جلوسن کي ئي ٻاهر نڪرڻ جي اجازت هوندي ۽ انتظام ڪندڙن کي چيو ويو آهي ته سوڙهين گھٽين کان پاسو ڪن.

ان کان سواءِ مقررن کي ماسڪ لازمي پائڻوپوندو جڏهن ته مجلس ۾ شريڪ ماڻهن جي پهرين قطار ۾ گھٽ ۾ گھٽ 6 فٽن جو مفاصلو برقرار رکڻو پوندو.

اهڙي طرح آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ داخلي هنڌن تي سينيٽائيزرز جو استعمال ۽ شريڪ ماڻهن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔