سنڌ سرڪار پاران وفاق جي ابتڙ 15 سيپٽمبر کان ڪاروبار۽ تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ سرڪار سڀاڻي سومر کان مختلف ڪاروبار کولڻ وارَي وفاقي اعلان جَي ابتڙ 15 سيپٽمبر کان ڪاروبار کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سنڌ ۾ 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. سيپٽمبر مهيني جي شروعات ۾ ٻيهر صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان ڪاروباري سرگرميون رات 9 وڳي ۽ ريسٽورنٽس رات 10 وڳي تائين کُليل رکيا ويندا. اُن لاءِ گهرو کاتي طرفان نوٽيفڪيشن ۽ ايس او پيز جاري ڪيا ويندا. ٽاسڪ فورس جَي اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته تعليمي ادارا کولڻ جَي حوالي سان حتمي فيصلو صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ڪيو ويندو. صحت جِي وزير عذرا فضل پيچوهو بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته گذريل مهيني کان ڪورونا جَي ڪيسز ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، ڪورونا تي ڪنٽرول ٿي ويو آهي، پر وئڪسين جِي تياري تائين سماجي وٿي کي برقرار رکڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔