نيپرا فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 98 پيسا بجلي مهانگي ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن به جاري

اسلام آباد :نيپرا 98 پيسا بجلي مهانگي ڪري ڇڏي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب 5 مهينن جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو ، جڏهن ته ٽن مهينن جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. نوٽيفيڪيشن ۾ چيو ويو ته صارفين کان سيپٽمبر 2020 جي بجلي جي بلن ۾ وصولي ڪئي ويندي، ڊسمبر 2019 جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي في يونٽ هڪ روپيو 88 پيسا مهانگي ڪئي وئي، ڊسمبر جي مد ۾ اضافو به سيپٽمبر 2020 جي بجلي جي بلن ۾ هوندو. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب جنوري 2020 جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي تحت بجلي في يونٽ هڪ روپيو 11 پيسا مهانگي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جنوري جو اضافو آگسٽ جي بجلي جي بلن ۾ ٿيندو. فيبروري 2020 جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جو في يونٽ هڪ روپيو 20 پيسا مهانگي ڪئي وئي، فيبروري جي مد ۾ اضافو آگسٽ مهيني جي بجلي جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو . نوٽيفڪيشن موجب جون جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي في يونٽ هڪ روپيو 5 پيسا سستي ڪئي وئي آهي ۽ جون مهيني جو رليف صارفين کي سيپٽمبر جي بجلي جي بلن ۾ ڏنو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔