ملڪي سياست ۾ نواز شريف ۽ آصف زرداري جي خاندان جي ڪابه سياست نه آهي :شيخ رشيد

لاهور: وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪي سياست ۾ نواز شريف ۽ آصف زرداري جي خاندان جي ڪابه سياست نه آهي نه ئي وري نواز شريف واپس اچي رهيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي عدالتن صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو آهي، آئون نٿو سمجهان ته پي ٽي آءِ جا وزير ڪرپشن ڪري رهيا آهن. شيخ رشيد وڌيڪ چيو آهي ته هاڻي ٻڌايو ته اپوزيشن جي اي پي سي ڪيڏانهن وئي، محرام الحرام ۾ اسان ٽرينز نٿا هلائي سگهون ته اپوزيشن وارا تحريڪ ڪيئن هلائيندا؟. ڪراچي جي صورتحال تي شيخ رشيد چيو آهي ته اهو به وقت اچڻو هو جو ڪراچي جا نالا وفاق صاف ڪرائيندو، اها ڳالهه ڪنهن به حڪومت لاءِ سٺو سنئوڻ نه آهي. شيخ رشيد چيو آهي ته ايم ايل ون منصوبي جا 30 آگسٽ کان اڳ ٽينڊر جاري ڪيا ويندا، منصوبي ۾ ڪوبه ڦاٽڪ نه هوندو، خواهش آهي ته چيني صدر ايم ايل ون جو افتتاح ڪري. هن چيو آهي ته ايم ايل ون اڪنيڪ کان منظور ڪرايو ويو آهي ۽ هن جو ٽينڊت 30 آگست کان پهريون ٿي ويندو، هن منصوبي سان 2 لک ماڻهن کي روزگار ملندو. هن چيو آهي ته 16 آگسٽ کان 10 ٽرينون کولي رهيا آهيون، سموريون ريل گاڏين جا پراڻا اسٽاپ ختم ڪيا پيا وڃن ۽ بدر ايڪسپريس جو روٽ سڌو فيصل آباد ڪيو ويو آهي………………..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔