سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٽئين ڏينهن برسات دوران حادثا ۽ واقعا،6 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي:سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٽئين ڏينهن برسات دوران حادثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، نارٿ ڪراچي ۽ اتحاد ٽائون ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ نينگر سوڌو 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، لياري ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، ٿاڻو بولا خان ڀرسان باريجا ڳوٺ ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب نوجوان ٿوهر باريجو دٻجي فوت ٿي ويو، عورتن ۽ ٻارن سوڌو 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سيتا روڊ ڀرسان ڳوٺ مجاور ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب نينگري دم ڏئي ڇڏيو، ميرواهه گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ کنڀڙي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ پيرسن فوت ٿي ويو آهي، مرزا پور ڀرسان برسات دوران گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب نينگر ظفر الله جوڻيجو فوت ٿي ويو، ٻئي پاسي ڇاڇرو ۾ برسات دوران وِڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ نوجوان جيرام ڀيل مرڻينگ ٿي ويو جڏهن ته 6 ڍور مري ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔