سعودي عرب کان اوڌر تي تيل وٺڻ جي سهوليت گذريل مهيني ختم ٿي وئي آهي: ناڻي واري وزارت

اسلام آباد:  ناڻي واري وزارت جي ترجمان  سعودي عرب کان تيل اوڌر تي وٺڻ جي سهوليت بابت وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ناڻي  واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب کان 3 ارب 20 ڪروڙ جو تيل اوڌر تي ملڻ جي سهوليت هڪ سال جي لاءِ هئي جيڪا هاڻ ختم ٿي چڪي آهي. ناڻي واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سعودي عرب کان اوڌر تي تيل جي سهوليت هلندڙ سال 8 جولاءِ تي ختم ٿي وئي آهي ۽ هن معاهدي ۾ واڌ جي درخواست تي غور ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته آڪٽوبر 2018 ۾ وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جو دورو ڪيو هو جنهن ۾ سعودي عرب طرفان پاڪستان کي 12 ارب ڊالر جو امدادي پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

ان وقت جي ناڻي واري وزير اسد عمر ۽ سعودي ناڻي واري وزير محمد عبدالله الجدان جي وچ ۾  مفاهمت جي هڪ ياداشتنامي تي صحيحون ڪيون ويون هيون جنهن موجب سعودي عرب ان ڳالهه تي راضپو ظاهر ڪيو  هو ته  هو پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ 3 ارب ڊالر هڪ سال لاءِ ڊپازٽ ڪندو جنهن جو مقصد ادائيگين جي توازن کي سهارو ڏيڻ آهي.

معاهدي ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو هو ته دير سان ادائيگي جي بنياد تي سعودي عرب پاڪستان کي ساليانو 3 ارب ڊالر ماليت جو تيل ڏيندو ۽ اهو سلسلو 3 سالن تائين جاري رهندو جنهن کان پوءِ ان  جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔