تحريڪ انصاف جي صوبائي وزير سميت 3 اسيمبلي ميمبرن کي نيب طلب ڪري ورتو

لاهور: نيب لاهور ڪرپشن جي الزامن تي تحريڪ انصاف جي صوبائي وزير سميت ٽن اسيمبلي ميمبرن کي طلب ڪري ورتو.

نيب لاهور سرگودها کان تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي ميمبر ۽ صوبائي وزير انصر مجيد خان کي 19 آگسٽ تي ٻنپهرن جو 3 وڳي طلب ڪيو آهي. انصر مجيد خان تي پنجاب ايمپلائز سوشل سيڪيورٽي انسٽي ٽيوشن ۾ پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر ۾ ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جو الزام آهي.

پنجاب اسيمبلي ميمبر غضنفر عباس چهينه کي 17 آگسٽ تي ڏينهن جو 11 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. ان تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ روينيو کاتي بهکر ۾ ڪرپشن جو الزام آهي.

لاهور مان تحريڪ انصاف جو قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ ڪرامت کوکر کي 13 آگسٽ تي صبح 11 وڳي طلب ڪيو ويو آهي ان تي به آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي ۾ طلب ڪيو ويو آهي. هن ميمبرن کي نيب جي جاچ آفيسرن جي آڏو پيش ٿي پنهنجي صفائي ڏيڻ جي لاءِ گهرايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔