ڪراچي ۾ اڄ برسات کانپوءِ مون سون سسٽم ڪمزور ٿي ويندو:موسميات کاتو

ڪراچي: موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ به سڄو ڏينهن گجگوڙ سان تيز بارش جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ اتر وڏي عربي سمنڊ کان اولهه طرف وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري اڄ به ڪراچي ۾ گجگوڙ سان برسات جاري رهندي

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالقيوم چيو آهي ته مون سون سسٽم جي شدت اڃان تائين برقرار آهي ۽  برسات وسائيندڙ سسٽم جي پکيڙ بلوچستان تائين آهي

موسميات کاتي موجب مون سون سسٽم اڄ وسڻ کانپوءِ ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي ويندو پر ڪراچي ۾ سڀاڻي به بوندا باندي ۽ هلڪي بارش جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔