ناران، ڪاغان ۽ مري جي سياحتي ماڳن تي رونقون بحال

پشاور: سياحت جي شوقين ماڻهن لآءِ خوشخبري آهي ته ناران، ڪاغان ۽ مري جي سياحتي ماڳن جون رونقون بحال ٿي ويون آهن ، ٽرانسپورٽ ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار کلي ويا آهن

مقامي ماڻهن ۽ سياحن حڪومت جي اهڙي فيصلي کي کلي دل سان آجيان ڪئي آهي ۽ پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي .

سڄي ملڪ ۾ سياحتي ماڳن تي 5 مهينن کانپوءِ سرگرميون بحال ٿي ويون ، ملڪه ڪوهسار مري ۾ هوٽل، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيو ڪاروبار کلي ويو آهي ،زندگي جو ڦيٿو هلي پيو آهي ، وادي جي سهڻي نظارن جو سير ڪرڻ لاءِ سياحن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔