سنڌ جي وڏي وزير کي تاحيات نااهل ڪرڻ بابت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ بابت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

مراد علي شاهه کي تاحيات نااهل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. درخواست ڏيندڙ جو چوڻ هو ته 2 مئي 2013 تي سپريم ڪورٽ مراد علي شاهه کي نااهل قرار ڏنو هو. نااهلي جي باوجود مراد علي شاهه ڄامشورو مان ضمني اليڪشن وڙهيو.

درخواست ڏيندڙ جو چوڻ آهي ته مراد علي شاهه 2013 ۽ 2018 جو اليڪشن غلط طريقي سان وڙهيو ان ڪري سنڌ جي وڏي وزير کي تاحيات نااهل قرار ڏنو وڃي.

درخواست ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.

عدالت درخواست جي فوري ٻڌڻي جي استدعا تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان 27 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔