وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس جي ملاقات

لاهور: وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات دوران مراد راس وزيراعظم عمران ان کي اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي تي بريفنگ پڻ ڏني

پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿيا جڏهن ته اي ٽرانسفر پاليسي ، انصاف آفٽر نون اسڪول پروگرام منصوبن ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

عمران خان کي ٻڌايو ويو ته انصاف پرائمري اسڪول پروگرام، انصاف موبائيل اسڪول پروگرام به منصوبن جو حصو آهن .

مراد راس چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظامي جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔