پاڪستان اسٽيٽ آئل يورو فائيو پيٽرول گھرائڻ شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : پاڪستان اسٽيٽ آئل يورو 5 پيٽرول گهرائيندڙ پهرين آئل مارڪيٽنگ ڪمپني آهي.

پيٽرول ڊويزن بابت وزير طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان اسٽيٽ آئل يورو 5 پيٽرول گھرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ۽ پي ايس او يورو 5 امپورٽ ڪندڙ ملڪ جي پهرين آئل مارڪيٽنگ ڪمپني آهي، جنوري 2021ع تائين يورو فائيو ڊيزل گھرائڻ به شروع ڪيو ويندو، پيٽرول ڊويزن يورو فائيو پيٽرول لاءِ ٽيسٽنگ ليب اڳ ئي قائم ڪري چڪي آهي.

پيٽرول ڊويزن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پيٽرول ڊويزن يورو 5 پيٽرول ۽ ڊيزل گھرائڻ جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائنز جاري ڪري چڪي آهي، يورو 5 پيٽرول جي استعمال سان ماحولياتي گدلاڻ گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اميد ڪيون ٿا ته خانگي  آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون به يورو فائيو پيٽرول گھرائڻ شروع ڪنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔