سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 3 مريض فوت ،انگ وڌي 2262 ٿي ويو، 300 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي:سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 3 مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ انگ وڌي 2262 ٿي ويو، 300 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ هڪ لک 23 هزار 546 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 201 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته حيدرآباد ۾ 9، ٺٽي ۾ 8، بدين ۽ دادو ۾ وڌيڪ 7-7 ڄڻا وائرس جو شڪار ٿيا آهن. وڏو وزير چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ 6، ڄامشوري ۾ 4، شڪارپور ۽ سکر ۾ 3_ 3، شهيد بينظيرآباد ۾ 2_ 2جڏهن ته ميرپور خاص ۽ سانگهڙ ۾ هڪ، هڪ رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 450 مريض ٺيڪ ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا، هيل تائين صحتياب ٿيلن جو انگ هڪ لک 15 هزار 415 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔