طوفاني برساتن سبب نئين گاج ڊيم کي نقصان ، دادو ضلعي جا 12 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

راولپنڊي: طوفاني برساتن سبب نئين گاج ڊيم کي نقصان پهچڻ سان دادو ضلعي جا 12 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب طوفاني برساتن سبب نئين گاج ڊيم پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال کي روڪڻ لاءِ ٺاهيل بند ٽٽي پيو جنهن سبب دادو ضلعي جا 12 ڳوٺ بري طرح متاثر ٿيا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوانن، آرمي انجينيئرن سوڌو موٽر بوٽ ۽ آرمي ميڊيڪل ٽيمون دادو جي ڳوٺن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد لاءِ پهچي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔