طوفاني برساتن بلوچستان ۾ تباهي مچائي ڇڏي، مختلف واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت

ڪراچي: طوفاني برساتن بلوچستان ۾ تباهي مچائي ڇڏي. مستونگ، خضدار، نوشڪِي، هرنائِي ۽ ٻين شهرن ۾ ٻوڏ جَي وهڪرن ۾ ڪيترو ئي چوپايو مال لڙهي ويو. مختلف واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا. شديد برسات سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو. برسات دوران مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي 30 فوٽ ويڪروگهارو پئجي ويو. ڪوهلو جِي سونارِي پل لڙهي وڃڻ سبب ڪوهلو جو سبي ۽ ڪوئيٽا سان زميني رابطو ڪٽجي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔