ڪشمير مسئلو: پاڪستاني نوجوان عالمي مقابلي ۾ ڀارتي ڊيليگيٽس کي هارائي ڇڏيو

لنڊن: پاڪستاني نوجوان ماڊل يونائيٽيڊ نيشنل (ايم يو اين) جي تقريري مقابلي ۾ ڀارتي مخالف کي هارائي ڇڏيو

تفصيل موجب لنڊن ۾ ڪوٺايل ويهين ماڊل يونائيٽيڊ نيشنل(ايم يو اين) ۾ سڄي دنيا مان نمائنده شريڪ ٿيا

ان موقعي تي پاڪستاني نوجوان محمد ميران خالصائي بهترين ڊيليگيٽ جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو،هو ايم يو اين ۾ اهو اعزاز حاصل ڪندڙپهريون پاڪستاني ٿي ويو .

نوجوان پنهنجي ڪميٽي ۾ موجود خطي جي مختلف ڊيليگيٽس سان دليلن جي بنياد تي مقابلو ڪيو.

موضوعن تي ڀارتي مخالف ڊيليگيٽ سان ٽي ڏينهن مختلف موضوعن تي چٽاڀيٽي ٿي .

اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ کانپوءِ ميران الله تعاليٰ جا ٿورا مڃيا ته ان جي تحقيق ۽ محنت ڪارگر ثابت ٿي هن پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔