قتل يا حادثو: مٺي ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ باهه ۾ سڙي فوت

مٺي: مٺي ۾ گهر جي ڪمري ۾ باهه لڳڻ سبب ٻن ٻارن جي ماءُ نروڌا مهيشوري بري طرح سان سڙي زندگي جي بازي هارائي وئي. تفصيل موجب شروعاتي طور تي سڙي فوت ٿيل عورت نروڌا جي مڙس سنيل ۽ سندس گهروارن جو چوڻ هو  ته بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ ڪري نروڌا سڙي فوت ٿي وئي، عورت نروڌا جي ڀاءُ ڪمليش مهيشوري سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ اسٽيٽس ۾ الزام لڳايو ته سندس ڀيڻ کي ان جي مڙس ۽ ساهرن پاڻ باهه ڏئي ساڙيو آهي .

ٻئي پاسي نروڌا جي ساهرن پوليس آڏو پنهنجو موقف تبديل ڪندي ٻڌايو ته باهه شارٽ سرڪٽ سان نه پر گيس سلينڊر مان لڳي هئي .

پاڙيسرين جو چوڻ هو ته جهڙِي ريت باهه لڳي آهي اها شارٽ سرڪٽ جي نه ٿي ٿي سگهي.

ڪجهه ماڻهو ان واقعي کي پنهنجو پاڻ کي ساڙي آپگهات ڪرڻ به قرار ڏئي رهيا آهن

نروڌا جي ساهرن جي تبديل ٿيندڙ بيانن ۽ پاڙيسرين جي موقف واقعي کي وڌيڪ مشڪوڪ ڪري ڇڏيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔