ڀارت ۾ پاڪستان کان لڏي ويل هڪ ڪٽنب جا 11 ڄڻا پراسرار نموني فوت

جوڌپور : ڀارت جي رياست راجسٿان ۾ پاڪستان کان لڏي ويل هڪ ئي خاندان جا 11 ڄڻا فوت ٿي ويا رڳو هڪ فرد ئي بچي سگھيو، متاثر خاندان 8 ورهين کان اتي ترسيل هو.
8 ورهيه اڳ پاڪستان کان لڏي ڀارت ۾ آباد ٿيل خاندان جي 11 فردن جا لاش راجسٿان جي ضلعي جوڌپور جي هڪ ٻني مان مليا آهن ۽ خاندان جو رڳو هڪ ئي فرد زندهه بچيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب پوليس کي واقعي واري هنڌ جيت مار دوا جي استعمال جا اشارا مليا آهن.
علائقي جي پوليس اهلڪار راهول بارهٽ ٻڌايو ته فارنزڪ ماهرن معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پوليس جي شروعاتي جاچ ۾ چيو ويو آهي ته واقعو خاندان جو اندروني مسئلو ٿي سگھي ٿو.
واضح رهي ته مقامي ماڻهن پوليس کي جوڌپور جي ڄاڻايل علائقي جي هڪ ٻئي ۾ لاشن جي موجودگي کان آگاهه ڪيو هو.
رپورٽن موجب فوتين جو واسطو ڀيل برادري سان هو جيڪو 8 ورهيه اڳ پاڪستان کان ڀارت لڏي آيا ۽ پوءِ واپس نه ويا.
ميڊيا طرفان ڄاڻايل خبر تي رد عمل لاءِ پرڏيهي آفيس سان رابطو ڪيو ويو آهي پر هن وقت تائين ڪو به رد عمل سامهون ناهي آيو.
پوليس متاثر خاندان جي حوالي سان ٻڌايو ته متاثر خاندان هارپي جي ٻني کڻي محنت مزدوري ڪندو هو جيڪو سندن روزگار جو ذريعو هو.
پوليس موجب متاثر خاندان جو بچي ويل 37 ورهين جي فرد جي سڃاڻپ ڪيول رام جي نالي سان ٿي آهي ۽ کانئس جاچ ڪئي پئي وڃي.
فوتين بابت رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن ۾ ڪيول رام جي والدين کان سواءِ هڪ ڀاءُ ۽ ٽي ڀينرون، هڪ ڌيءَ ۽ ٻه پٽ شامل آهن جڏهن ته خاندان جو سرپرست 75 ورهين جو برزرگ بڌا رام هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔