فلم انڊسٽري ۾ عمر کان وڏو طاقتور شخص هراسان ڪندو رهيو: عائشه عمر جو انڪشاف

لاهور: مشهور پاڪستاني اداڪاره عائشه عمر هڪ دفعو ٻيهر جنسي هراساڻي بابت ڳالهيون ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي فلم انڊسٽري ۾ عمر کان وڏو طاقتور شخص حراسان ڪندو رهيو پر مان 15 سالن تائين خاموش رهيس.رپورٽ موجب عائشه عمر اداڪاره ۽ ڊائريڪٽر ميڪگوان سان انسٽاگرام لائيو سيشن جي دوران مختلف موضوعن سان گڏ شوبز انڊسٽري ۾ جنسي هراساڻي بابت موضوع تي به ڳالهيون ڪيون.هن چيو ته جڏهن مان انڊسٽري ۾ قدم رکيو ته ان وقت منهنجي عمر 23 سال هئي ۽ ان وقت منهنجي عمر جي ٻيڻي طاقتور ماڻهو مون کي جنسي هراساني جو نشانو بنايو ۽ اهو سلسلو سالن تائين هلندو رهيو.اداڪاره ٻڌايو ته اهو صرف هڪ ڀيرو نه ٿيو پر ان جو سلسلو ڪافي وقت تائين هلندو رهيو پر مون ان تي ڪابه ڪارروائي نٿي چاهي. هن چيو ته ان وقت جيڪو مون سان ٿي رهيو هو مون ان کي هڪ ڊٻي ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ چيو ٺيڪ آهي اهو منهنجي زندگي ۾ ٿي رهيو آهي ۽ مون کي ان کي منهن ڏيڻو آهي.عائشه عمر چيو ته 15 سالن تائين مان اها ڳالهه ڪنهن کي به نه ٻڌائي ڇو ته مان ان ڳالهه کي ڪنهن سان به شيئر نٿي ڪرڻ چاهيو. مون ڪنهن کي به نه ٻڌايو پر 2 سال اڳ مون يعني 2017 ۾ ڪنهن سان ان باري ۾ ڳالهه ڪئي.اداڪاره وڌيڪ چيوته هن مون کان پڇيو هو ته ڇا انڊسٽري ۾ جنسي حراسمينٽ ٿيندي آهي؟ ۽ اهو پهريون ڀيرو هو جو مون کيس چيو ته ها ائين ٿيندو آهي. عائشه عمر چيو ته هن مون کان پڇيو هو ته ڇا اوهان سان به ائين ٿيو هو جنهن کان پوءِ مون کيس جواب ڏنو ته ها پر ان جي باري ۾ مان اوهان کي ڪنهن ٻئي ڏينهن ٻڌائيندس پر اڄ نه

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔