سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 14 مريض فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 14 مريض فوت ٿي ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5436نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 357 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، هن چيو ته پوري صوبي ۾ 122373 ڪيس ٿي چڪا آهن، هن وقت تائين فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 2245 ٿي چڪو آهي، 24 ڪلاڪن دوران 728 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ڪراچي ۾ 357 نون ڪيسز مان 213مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا،بدين ۾ 45، ڄامشورو ۾ 10، دادوشڪارپور ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 6_6 ڪيس ظاهر ٿيا. حيدرآبادقمبر ۽ سانگهڙ ۾ 4_4 ڪيس رپورٽ ٿيا. لاڙڪاڻي_جيڪب آباد ۽ ميرپورخاص ۾ 1_1 ڪيس ظاهر ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔