بيروت ڌماڪن ۾ پاڪستاني خاندان به متاثر، ٻارڙو فوت

بيروت: لبنان جي تخت گاهه بيروت ۾ ڌماڪن ۾ هڪ پاڪستاني ٻار فوت ۽ 4 زخمي به ٿيا آهن.
لبنان ۾ پاڪستاني سفير نجيب دراني ڌماڪي ۾ پاڪستاني ٻار فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته 4 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن.
هن ٻڌايو ته ٻار جو زخمي پيءُ ساجد ۽ ڀيڻ آءِ سي يو ۾ داخل آهن، جڏهن ته فوتي ٻار جي ماءُ ۽ ناني به زخمي ٿيون آهن.
سندس چوڻ هو ته متاثر پاڪستاني ڪٽنب پورٽ ڀرسان فليٽ ۾ رهندڙ هو، سفارتخاني جو عملو متاثر خاندان جي مدد لاءِ موجود آهي.
پاڪستاني سفير موجب بيروت ڌماڪن جو آواز سائپرس تائين ٻڌو ويو ۽ شام تائين ان جا اثر محسوس ڪيا ويا.
واضح رهي ته بيروت جي بندرگاهه تي هٿيارن جي گودام ۾ زودار ڌماڪا ٿيا هئا، جيڪي 24 ڪلو ميٽرن تائين ٻڌا ويا هئا.
ڌماڪن ۾ هيل تائين 100 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 4 هزار زخمي پڻ ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔