مانچسٽر ٽيسٽ: پاڪستان اڄ پنهنجي اننگز 139 رنسز ٻن رانديگرن جي نقصان تي اڄ ٻيهر شروع ڪندو

مانچسٽر: پاڪستان اڄ پنهنجي اننگز 139 رنسز ٻن رانديگرن جي نقصان تي اڄ ٻيهر شروع ڪندو.
مانچسٽر ۾ پاڪستان ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته 43 جي مجموعي اسڪور تي پاڪستان ٻن وڪيٽن کان محروم ٿي ويو.
اوپنر عابد علي 16 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ فوجرا آرچر جو شڪار بڻيو، جڏهن ته ڪپتان اظهر علي کي ڪرس ووڪس کاتو کولڻ بنا ئي پويلين موٽائي ڇڏيو.
ان موقعي تي شان مسعود جو ساٿ ڏيڻ لاءِ بابر اعظم ڪريز تي پهتو ۽ ٻنهي ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪندي وڌيڪ ڪا وڪيٽ ڪرڻ نه ڏني ۽ ٽيم جو اسڪور ٽرپل فگر ۾ پهچائي ڇڏيو.
بابر اعظم 56 ۽ شان مسعود 45 رنسون ٺاهيون ته برسات شروع ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ٻيهر راند شروع ٿي ته پاڪستان جو اسڪور ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 124 هو.
پاڪستان پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنسون ٺاهي ورتيون، بابر اعظم 69 ۽ شان مسعود 46 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
انگلينڊ طرفان ڪرس ووڪس ۽ جوفرا آرچر هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔