پنجاب ۾ شادي هال، ريسٽورنٽ، بزنس سينٽر، سياحتي ماڳ کولڻ جي سفارش

لاهور :پنجاب جي ڪورونا وائرس بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ شادي هال ۽ ريسٽورنٽ کولڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي هدايت تي ايوان وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪورونا بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا صورتحال ۽ ان جي پکيڙ روڪڻ جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.

پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي پنهنجون سفارشون موڪليون آهن.

بزنس سينٽر، سياحتي ماڳ، سئنيما ۽ ٿيٽر کولڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪلب ۽ پارڪ کولڻ سان گڏوگڏ راندين جي سرگرمين جي بحالي جي به سفارش ڪئي وئي آهي.

ڪابينا ڪميٽي ڪورونا جي موجوده صورتحال کي ڏسندي وفاقي حڪومت کي ايس او پيز تحت شادي هال، ريسٽورنٽ کولڻ جي به سفارش ڪئي آهي.

فياض الحسن چوهاڻ چيو ته ان سلسلي ۾ حتمي فيصلو اين سي او سي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔