وفاقي ڪابينا پاڪستان جي نئين سرڪاري نقشي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:وفاقي ڪابينا پاڪستان جي نئين سرڪاري نقشي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير به شامل هوندو.

اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ٻين وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان دنيا سامهون پاڪستان جو سياسي نقشو آڻي رهيا آهيون، جيڪو پاڪستاني عوام جي امنگن جي ترجماني ڪري ٿو، اهو پاڪستان ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي اصولي موقف جي تائيد ڪري ٿو ۽ ڀارت طرفان 5 آگسٽ جي غير قانوني قدم کان انڪار آهي.

هن چيو ته اڄ کان سڄي پاڪستان ۾ پاڪستان جو سرڪاري نقشو اهو ئي هوندو، جنهن کي اڄ وفاقي ڪابينا منظور ڪيو آهي، هاڻ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو اهو ئي نقشو ايندو.

سندس چوڻ هو اڄ وري واضح ڪري ڇڏيان ته ڪشمير جو رڳو هڪ ئي حل آهي، اهو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۾ آهي، جيڪي ڪشمير جي ماڻهن کي حق ڏين ٿيون ته ووٽ ذريعي فيصلو ڪن ته پاڪستان يا ڀارت سان رهڻ چاهين ٿا، اهو حق کين عالمي برادري ڏنو هو، جيڪڏهن اڃا تائين کين ناهي مليو، اسان دنيا کي واضح طور چوڻ چاهيون ٿا ته  ان جو اڪيلو حل اهو ئي آهي.

عمران خان چيو مان پنهنجي زندگي جي تجربي سان چوان ٿو ته انساني پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ تصور ڪندو آهي ته اهو وڃي ڪاڏي رهيو آهي، اهو نقشو پهريون قدم آهي ۽ اسان سياسي جدوجهد ڪنداسين، اسان فوجي نه پر سياسي حل مڃون ٿا، گڏيل قومن کي ياد ڏياريندا رهنداسين ته توهان هڪ واعدو ڪيو هو، جنهن کي پورو ناهي ڪيو ويو.

وزيراعظم موجب اسان جي جدوجهد جاري رهندي، مون کي الله تي يقين آهي ته هڪ ڏينهن انشاءَ الله منزل تي پهچي وينداسين.

ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته سڄي قوم، وزيراعظم ۽ حڪومت کي مبارڪ ڏيان ٿو، پهريون ڀيرو اهو نقشو منظور ٿيو آهي، جيڪو سڄي قوم جي نمائندگي ڪري ٿو.

هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي جو حل نڪرندو، نقشو ان حل جي عڪاسي ڪري ٿو، ان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سياچن ڪالهه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي.

سندس چوڻ هو ته سر ڪريڪ جي جيڪا دعويٰ ڀارت ڪندو هو، نئين نقشي ۾ ان کان انڪار ڪيو ويو آهي، ڀارت وڏي هوشياري سان پاڪستان جو معاشي زون ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، هاڻ فاٽا خيبر پختونخواهه جو علائقو بڻجي چڪو آهي ۽ افغان سرحد به واضح ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير جو فيصلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ٿيندو، اڄ سڄي قوم پاڪستان جي ان سياسي نقشي جي حمايت ۾ آهي، سياسي ۽ ڪشميري قيادت کي به ان نقشي جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ويو، پاڪستاني قوم ڪالهه ڪشمير سان گڏ هئي ۽ اڄ به ڪشمير سان گڏ آهي، اسان جي منزل اهو خواب آهي، جيڪو اسان جي بزرگن ڏٺو، اسان جي بزرگن جي خواب کي وزيراعظم ان نقشي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔