بيروت ۾ خطرناڪ ڌماڪا ،100 ماڻهو اجل جو شڪار، 3000 کان مٿي زخمي

لبنان : لبنان جي تخت گاهه بيروت جي بندرگاهه جي علائقي ۾ زوردار ڌماڪن عمارتن کي لوڏي ڇڏيو ۽ هر پاسي دونهون ئي دونهون نظر آيو.، ڌماڪن جي نتيجي ۾ 100 ماڻهو اجل جو شڪار جڏهن ته 3000 کان مٿي زخمي ٿي پيا .

لبنان جي مقامي ميڊيا طرفان جاري ڪيل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌماڪي کانپوءِ ماڻهو ملبي ۾ ڦاٿل آهن ۽ ڪيترائي رتورت نظر اچي رهي آهن.

لبنان جي صحت واري وزير حماد حسن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ 100ٿي ويو جڏهن ته 3 هزار شهري زخمي ٿيا آهن ۽ غير معمولي نقصان پهتو آهي.

لبناني خبر ايجنسي اين اين اي ۽ سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ هو ته ڌماڪا بندرگاهه جي علائقي ۾ ٿيا، جتي ڪيترن ئي گودامن ۾ ڌماڪيدار مواد رکيو ويندو آهي پر في الحال واضح ناهي ته ڌماڪا انهن گودامن ۾ ٿيا يا ڪنهن ٻئي هنڌ.

شروعاتي رپورٽن موجب بندرگاهه جي علائقي ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جو آواز شهر جي وڏي حصي ۾ ٻڌو ويو ۽ ڪيترن ئي ضلعن ۾ بجلي گم ٿي وئي.

مقامي ميڊيا ٻڌايو آهي ته ڌماڪا بيروت جي بندرگاهه ۾ ڪنهن واقعي جو نتيجو ٿي سگهن ٿا.

وائرل ٿيندڙ ويڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عمارتن کي نقصان پهتو آهي ۽ ڪيتريون ئي شيون تباهه پڻ ٿيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔