ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل ڪرڻ کي هڪ سال مڪمل، پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد :ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل ڪرڻ کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي. يوم استحصال جي موقعي تي پاڪستان جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ڀارتي قدمن جي مذمت ۽ ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. يوم استحصال جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن، پاڪستان ۾ صبح 10 وڳي سائرن وڄائي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، يوم استحصال جي موقعي تي ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ انساني هٿن جي زنجير ٺاهي ريليون ڪڍيون پيون وڃن، شاهراه ڪشمير هاءِ وي کي سرينگر هاءِ وي جو باضابطه نالو ڏنو ويو. وزيراعظم عمران خان يوم استحصال جي حوالي سان آزاد ڪشمير اسيمبلي کي به خطاب ڪندو ۽ يڪجهتي واڪ ۾ به شرڪت ڪندو.بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني 5 آگسٽ تي سڄي والاريل ڪشمير ۾ شٽربند هڙتال جي ڪال ڏيڻ سڄي وادي بند آهي، سيمينارز ۽ تقريبن ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع واري هڪ طرفي ۽ غير قانوني قدم کي بي نقاب ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔