ون ونڊو سهولت سان تعميراتي شعبي ۾ وڌيڪ آسانيون پيدا ٿينديون:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد :ملڪ جي 13 نامور بلڊرز پاران وزير اعظم عمران خان کي ايندڙ 4 کان 5 مهينن دوران 13 کرب رپين جا تعميراتي منصوبا شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. وزير اعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ تعميراتي شعبي سان لاڳاپيل ڊيولپرز، بلڊرز ۽ ڪاروباري برادري حڪومت پاران کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز سميت ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي ناليوارن بلڊرز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيير اعظم کي خاطري ڪرائي وئي ته 13 کرب جي تعميراتي منصوبن ۾ هڪ لک کي لڳ ڀڳ رهائشي يونٽ تعمير ڪيا ويندا. ان موقعي تي وزير اعظم تعميراتي شعبي کي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو، هن چيو ته نون منصوبن جي شروعات لاءِ درخواستن کي جلدي اڪلايو ويندو، ون ونڊو سهولت سان تعميراتي شعبي ۾ وڌيڪ آسانيون پيدا ٿينديون. وزير اعظم چيو ته بجلي ۽ گيس جي فراهمي ۾ رڪاوٽون وجهندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔