پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان صوبائي وزيرن سعيد غني ۽ ناصر شاهه جي ملاقات

ڪراچي :پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان صوبائي وزيرن سعيد غني ۽ ناصر حسين شاهه ملاقات ڪئي آهي،ملاقات دوران پ پ ڪراچي جي صدر سعيد غني پ پ چيئرمين کي ڪراچي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني،سعيد غني چيو ته ڪجهه ماڻهو ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجي سياست کي چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن..ان موقعي تي مڪاني کاتي جي صوبائي وزير ناصر شاهه به پ پ چيئرمين کي ڪراچي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو.ناصر شاهه چيو ته سنڌ سرڪار سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي دعوت ڏني آهي ته هو الزامن بدران مسئلن جي حل لاءِ اڳيان اچن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔