عمران خان حڪومت مڪمل طرح سان ناڪام ٿي چُڪي آهي:احسن اقبال

لاهور : مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان حڪومت مڪمل طرح سان ناڪام ٿي چُڪي آهي،مهانگائي ايتري ٿي وئي آهي ته جو عام ماڻهو جون رڙيون نڪري ويون آهن،لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته وزيراعظم کان ڪارڪردگي بابت پڇيو ويندو ته جواب ۾ چئي ٿو ته اين آر او نه ڏيندس،اسان کي اين آر او نه گهرجي،حڪومت عوام کي اين آر او ڏئي ۽ کين جيئڻ ڏي.هن چيو ته حڪومت جو قانون نواز شريف،اسحاق ڊار ۽سياسي مخالفن لاءِ ٺاهيو ويو آهي..هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو کي خصوصي رعايت ۽ ڪشمير مسئلي کي خراب ڪرڻ لاءِ عمران حڪومت اُهي ڪم ڪيا آهن،جيڪي 70 سالن ۾ڪنهن به ناهن ڪيا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔